جيت سري راڳڻي

جيت سري (راڳڻي): پوربي ٺاٺ جي اوڍو سمپورن راڳڻي، جنهن جي آروهي ۾ رکب ۽ ڌيوت ورج آهن ۽ امروهي سمپورن آهي. ڪن وٽ گنڌار وادي سر آهي ته ڪن وٽ کرج آهي. ڪي پنڊت هن راڳڻيءَ کي ڌيوت تيور هڻي ماروا ٺاٺ ۾ شامل ڪن ٿا، پر لڪش سنگيت جو ليکڪ لکي ٿو ته: هيءَ براري - ديسڪار ۽ ڍولسريءَ جي ميلاپ مان ٺهيل آهي. شام جي وقت وارن راڳن ۾ هيءَ واحد راڳڻي آهي، جنهن جي آروهيءَ ۾ رکب ۽ ڌيوت ورج آهن. ان لاءِ هن جي صورت به الڳ بيٺل آهي. خاص تان: ني سا- را سا- گي پا- گي- را سا- ني سا- گي مِي پا ڌا- مي پا- گي پا-مي گي- را سا آهي. جڏهن ته هن آروهي: سا گي مي پا ني سَا ۽ امروهي: ساني ڌا پا مي گي را سا اٿس. وادي سُر گنڌار ۽ سموادي کرج آهي. هيءَ راڳڻي شام جي وقت ڳائبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو